حسين ڪلوڙ سراءِ

حسين ڪلوڙ/ سراءِ: تعلقي پني عاقل جو هي اهم ڳوٺ، ديهه سراءِ ۽ يو سي ننداپور ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ کي عام ط‍ور ’سراءِ ڪلوڙ‘ به سڏيو وڃي ٿو. هي قديم ڳوٺ آهي. روايتن موجب هتي مغلن جي دؤر ۾ هڪ ’مهمان سراءِ‘ موجود هئي، جتي قافلا اچي ترسندا هئا. هن ڳوٺ ۾ ڪلوڙ ذات وارا اڪثريت سان آباد آهن، هتي جي خواندگي شرح 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ هتان جا اڪثر ماڻهو سرڪاري ملازمتن ۾ آهن هتي سرڪاري اسڪول ۽ بنيادي صحت مرڪز قائم آهن. هن ڳوٺ جي آسپاس نبي شاهه، ڪالي شاهه، حاجي مراد ۽ پير مهرو جا قبرستان موجود آهن. جڏهن 2010ع ۾ روهڙيءَ کان گهوٽڪي تائين ٺهيل اين. آر بند کي وڏي ٻوڏ سبب ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته حسين ڪلوڙ ڳوٺ جي مقامي ماڻهن رات ڏينهن محنت ڪري ان کي مضبوط بنايو هو. هن ڳوٺ ڀرسان لال ڪلوڙ ۾ راڳداريءَ جو وڏو ڄاڻو سيد لال شاهه رهندو هو، وقت جا وڏا گويا ۽ فنڪار اميد علي خان، سهراب فقير، عابده پروين ۽ شفيع فقير سندس معتقد رهيا آهن. سندس مريدن مان اڪثر ميراثي سنڌ، پنجاب ۽ گواليار ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو